پاڪستان ميڊيڪل ريسرچ ڪائونسل

پـاڪـسـتان ميـڊيـڪل ريسرچ ڪائونسل: پاڪستان ميڊيڪل ريـسـرچ ڪـائـونسـل جو قيام 1953ع ڌاري عمل ۾ آيو . 1962ع ۾ هن کي بين الاقوامي طبي تحقيقاتي ڪائونسل تسليم ڪيو . هن جي ذمي ائڊوانس ميڊيڪل سائنس کي وڌائڻ ۽ عوامي فلاح و بهبود جي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي . پاڪستان ريسرچ ڪائونسل ، پاڪستان ۾ ڪئنسر جي علاج جي سلسلي ۾ هڪ تفصيلي سروي به ڪيو هو . هيءُ سروي اپريل 1973ع ۽ 1974ع جي وچ واري عرصي ۾ ڪيو ويو . هن سروي مطابق ان عرصي دوران 8414 مريضن جو ڪينسر جو علاج ڪيو ويو ، جن مان وڌيڪ تعداد پشاور جي خيبر ميڊيڪل ڪاليج ۾ زير علاج مريضن جو هو .


لفظ پاڪستان ميڊيڪل ريسرچ ڪائونسلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو